پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو: مخدوم جميل الزمان

نيو سعيدآباد: پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. نيو سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ ڀلي ڏنو ڪاڪا ميڊيا سان ڳالھائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته مهانگائي ۽ ڪرپشن عمران حڪومت جو شيوو بڻجي ويا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت عوام کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي، روزگار جو آسرو ڏئي مختلف کاتن مان ماڻهن کي بيروزگار ڪيو ويو. مخدوم جميل الزمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ڊي ايم تحريڪ جو مقصد عمران حڪومت جي تبديلي آھي، جڏهن ته مٽياري ضلع اندر ترقياتي اسڪيمن جا منصوبا جاري آھن……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔