مونيڪا لاڙڪ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جو ذميوار بلاول آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته معصوم مونيڪا لاڙڪ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جو ذميوار بلاول ڀٽو زرداري آهي، ڪنهن ٻي صوبي ۾ ڪو معاملو ٿئي ٿو ته بلاول اتي پهچي وڃي ٿو پر معصوم مونيڪا جي وارثن وٽ پيپلز پارٽي جو ڪو به نمائندو لڙي نه ويو آهي، وڏو وزير جواب ڏئي ته مونيڪا جا قاتل اڃا ڇو گرفتار نه ٿيا آهن؟ سنڌ پوليس پيپلز پارٽي جي غلام بڻيل آهي ۽ آءِ جي سنڌ اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. پنهنجي جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ حليم عادل شيخ چيو ته معصوم مونيڪا لاڙڪ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، وڏو وزير جواب ڏئي ته مونيڪا جا قاتل اڃا ڇو گرفتار نه ٿيا آهن؟. حليم، عادل شيخ چيو ته سنڌ پوليس پيپلز پارٽي جي غلام بڻيل آهي ۽ آءِ جي سنڌ اگهور ننڊ ۾ ستل آهي. حليم عدل شيخ معصوم مونيڪا لاڙڪ جي قتل جو ذميوار پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي قرار ڏيندي چيو ته ڪنهن ٻي صوبي ۾ ڪو معاملو ٿئي ٿو ته بلاول اتي پهچي وڃي ٿو پر معصوم مونيڪا جي وارثن وٽ پيپلز پارٽي جو ڪو به نمائندو لڙي نه ويو آهي ….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔