ڪرپشن الزام: نيتن ياهو خلاف سوين اسرائيلي شهري روڊن تي نڪري آيا

تل ابيب : اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو خلاف ڪرپشن الزامن تي سوين شهرين سندس سرڪاري رهائشگاهه اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.
يروشلم ۾ شهرين جي وڏي انگ سخت سيءَ باوجود ڇنڇر جي رات کان وٺي آچر جي صبح تائين احتجاج جاري رکيو ۽ وزيراعظم کان ڪرپشن الزامن تي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو.
واضح رهي ته نيتن ياهو خلاف اهڙا احتجاجي مظاهرا گذريل 7 مهينن کان به وڌيڪ عرصي کان جاري آهن.
اسرائيلي وزيراعظم تي فراڊ ۽ رشوت جي ٽن واقعن ۾ باقاعدي طور فرد جرم لاڳو آهي پر هو پنهنجي الزامن جي ترديد ڪندو رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔