سنڌ جي ٻيٽن بابت ڪوبه نئون آرڊيننس جاري نه پيو ٿئي: وفاقي حڪومت

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف ڪيس ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان کان جواب طلب ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي ته آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو مدو ختم ٿيڻ بعد وفاقي حڪومت جو ٻيٽن جي مامري تي ڪهڙو موقف آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته ٻيٽن بابت وفاقي حڪومت جي آرڊيننس جو مدو ختم ٿي چڪو آهي، نئون آرڊيننس جاري نه ڪيو ويو آهي. درخواستگذار چيو ته آرڊيننس جو مدو پورو ٿيڻ بعد درخواست غير موثر ٿي ويندي، وفاقي حڪومت نيڌرلينڊ سان ٻيٽ لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ جو معاهدو ڪيو آهي. عدالت حڪومت کان ڊي سيلينيشن پلانٽ جي معاهدي بابت جواب طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔