جاپاني ڪمپني جو طبي شاهڪار: واچ پايو ۽ شوگر چيڪ ڪريو

ٽوڪيو: شوگر جي مريضن جي رت ۾ شوگر جي مقدار جانچڻ جي لاءِ هڪ ڦڙي رت جي ضرورت هوندي آهي. جيڪو آڱر تي سئي هڻي حاصل ڪيو ويندو آهي ۽ ان کي هڪ خاص پٽي لڳائي شوگر جي مقدار جانچي ويندي آهي. پر هاڻ مشهور جاپاني ڪمپني اسٽارٽ اپ طرفان طبي ٽيڪنالاجي کي نظر ۾ رکندي هن اهم مسئلي جو حل ڳولڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.ڪمپني طرفان ڪيل دعويٰ موجب ڪمپني هڪ اهڙي پروٽوٽائپ واچ تيار ڪئي آهي جنهن جي ذريعي شوگر رت ڪڍڻ کان سواءِ جانچي سگهبي. ڪمپني طرفان شوگر مانيٽر ڪندڙ واچ کي ائٽم آپيشن ان ڪارپوريشن طرفان ورچوئل تقريب(سي اي ايس ٽيڪنالاجي نمائش) ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.ايپل واچ جيان نظر ايندڙ هن ڊيوائس ۾ اسپيڪٽرو ميٽر موجود آهي جيڪو گلوڪوز جي مقدار جانچڻ جي لاءِ رت کي اسڪين ڪندو آهي. ڪمپني موجب هن واچ جو اهم جز واچ ۽ اسپيڪٽروسڪو پي آهي. واچ کي ٻانهن ۾ ٻڌڻ کان پوءِ صارف کي سلائيڊ ڪري مينيو سان مانيٽرنگ کي ايڪٽيويٽ ڪرڻو پوندو. جنهن جي 20 سيڪنڊن بعد ڊيٽا ظاهر ٿيڻ لڳندي.ان حوالي سان ڪمپني جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هي گهڙي دل جي رڳن ۽ اي سي جي سميت ٻين اهم نشانين کي به پڙهڻ جي اهليت رکي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔