اسنيپ چيٽ به ٽرمپ جو اڪائونٽ هميشه جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: اسنيپ چيٽ به ٽرمپ جو اڪائونٽ هميشه جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي. ان کان اڳ اڪائونٽ صرف عارضي طور تي بلاڪ ڪيو ويو هو.ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پيج تي چڙ ڏاريندڙ تقرير ڪري تشدد کي ڀڙڪائڻ جي بنياد تي آمريڪي صدر تي مستقبل پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٽوئٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ يو ٽيوب به امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اڪائونٽ بند ڪري رکيو آهي.يو ٽيوب انتظاميه به تشدد پکيڙڻ جي امڪان کي نظر ۾ رکندي ٽرمپ جي چينل کي نئين وڊيو پاليسي جي خلاف قرار ڏنو هو. فيس بڪ جي سربراهه مارڪ زڪربرگ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انسٽاگرام ۽ فيس بڪ اڪائونٽس لاڳيتو بند رهندا.فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي سربراهه چيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جا اڪائونٽ مستقل طور تي بند ڪري سگهجن ٿا.صدر ٽرمپ کي فيس بڪ انسٽاگرام جي سهوليت ڏيڻ خطرناڪ آهي. گوگل جي وڊيو شيئر ويب سائٽ يو ٽيوب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو يو ٽيوب چينل بند ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔