علي ظفر تي هڪ ٻي عورت جو هراساني جو الزام، ڏنڊ جي دعويٰ

ڪراچي : ناليواري گلوڪار علي ظفر تي هڪ ٻي عورت هراساني جو الزام هڻندي 50 ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرائي ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لينا غني نالي عورت گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر خلاف 50 ڪروڙ رپين جي ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته پهرين دفعو 2014ع ۾ علي ظفر لنڊن ۾ پاڪستاني فيشن شو دوران هراسان ڪيو ۽ پوءِ ٻه ڀيرا اهڙي ريت نازيبا گفتگو ڪئي، 2018 ۾ ميشا شفيع به علي ظفر تي هراسان ڪرڻ جا الزام هنيا.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته درخواست گذار ان حوالي سان پنهنجي ڀينرن ۽ دوستن کي به آگاهه ڪيو، علي ظفر جو ڊسمبر 2020 جو ري ٽوئيٽ ۽ 22 ڊسمبر جو ٽوئيٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري علي ظفر انهن ٽوئيٽس کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو وڃي.
درخواستگذار موجب ٻنهي ٽوئيٽ ۽ ري ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته علي ظفر مهم ۾ لينا غني جو هٿ آهي، ٻئي ٽوئيٽ لينا جي ساک کي نقصان پهچائڻ ۽ عوام جي نظرن ۾ هيٺ ڪيرائڻ لاءِ ڪيا ويا هئا، تنهن ڪري قرار ڏنو وڃي ته علي ظفر خلاف درخواستگذار ڪنهن آن لائن مهم جو حصو آهي.
درخواستگذار اپيل ڪئي آهي ته علي ظفر کي منهنجي خلاف سوشل ميڊيا سميت آن لائن، ٽي وي چئنلن تي مواد ۽ خبرون ڇپرائڻ کان روڪيو وڃي، خدشو آهي ته اهڙي مواد ۽ خبرن سان منهنجي ساک کي نقصان پهچايو ويندو، جڏهن ته درخواستگذار جو ميشا سان ڪو واسطو ناهي، تنهن ڪري درخواست گذار کي ذهني اذيت تي علي ظفر کان 50 ڪروڙ رپيا معاوضو ڏياريو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔