ورزش دل جي صحت لاءِ اسان جي سوچ کان به وڌيڪ فائديمند

لنڊن : ورزش سان مجموعي جسماني صحت کي فائدو ٿيڻ ته عام ڳالهه آهي پر هڪ نئين تحقيق ۾ سائنسدانن ٻڌايو آهي ته ورزش سڀ کان وڌيڪ دل جي صحت لاءِ فائديمند هوندي آهي ۽ ورزش سان دل کي ايترا فائدا پهچن ٿا، جيڪي شايد ڳڻي به نه سگهجن.
آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ماهرن هڪ تحقيق دوران 90 هزار برطانوي شهرين تي تجربا ڪيا، هنن انهن جي ورزش جو معمول ڏٺو ۽ انهن کي دل جو دورو پوڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو.
نتيجن سان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو مناسب وقت تي ورزش ڪري رهيا هئا، انهن کي دل جو دورو پوڻ ۽ اسٽروڪ اچڻ جو خطرو 46 سيڪڙو گهٽ هو.
تحقيقاتي ٽيم جي سربراهه ايڊن ڊوهرٽي موجب اها پنهنجي نوعيت جي اڄ تائين سڀ کان وڏي تحقيق آهي، جنهن ۾ ورزش جا دل لاءِ بي شمار فائدا سامهون آيا آهن، دل جي بيمارين کان بچاءَ لاءِ ورزش اسان جي سوچ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مفيد آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔