مصباح الحق کان ميچ لاءِ حتمي 11 رانديگرن جي چونڊ جو اختيار واپس

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق کان ميچ لاءِ 11 رانديگرن جي چونڊ جو اختيار واپس ورتو ويو.
ذريعن موجب مصباح الحق کان ايندڙ سڀني سيريز لاءِ 11 رڪني ٽيم جي چونڊ جو اختيار واپس ورتو ويو آهي، جڏهن ته بابر اعظم بااختيار ڪپتان بڻجي ٽيم چونڊيندو ۽ هيڊ ڪوچ جو ڪردار رڳو صلاح مشوري جو هوندو.
ان کان اڳ مصباح الحق ڪپتان سان صلاح مشوري کان فائنل اليون جي چونڊ ڪندو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريقا خلاف سيريز لاءِ 11 رڪني ٽيم چونڊڻ جو حتمي اختيار ڪپتان بابر اعظم کي ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب بابر اعظم هيڊ ڪوچ، بالنگ، بيٽنگ ڪوچ ۽ ٻين سان مشاورت ڪري سگهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔