ٽرمپ ٽوئيٽر ۽ فيس بُڪ کانپوءِ يوٽيوب تان به هٿ ڌوئي ويٺو

ڪيليفورنيا :ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين طرفان آمريڪي ڪانگريس جي عمارت تي حملي جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ يوٽيوب انتظاميا سخت قدم کڻندي ڊونلڊ ٽرمپ جي چئنل تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
گوگل جي ان پليٽ فارم طرفان ڊونلڊ ٽرمپ جي چئنل کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
يوٽيوب طرفان جاري ڪيل بيان موجب اهو فيصلو تشدد کي هٿي ڏيڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ ٽوئيٽر ۽ فيس بُڪ ڊونلڊ ٽرمپ جا اڪائونٽ مستقل طور بند ڪري چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔