آمريڪا جا بنا ثبوتن جي ايران تي سنگين الزام

واشنگٽن : آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو الزام هنيو آهي ته ايران القاعدا جو ”نئون ڳڙهه“ آهي.
ٽرمپ انتظاميا ويندي ويندي به ايران تي دٻاءَ جو سلسلو جاري رکيو پئي اچي ۽ ان کي القاعدا جو نئون ڳڙهه قرار ڏنو آهي.
واشنگٽن ۾ خطاب ڪندي مائيڪ پومپيو چيو ته 2015 کان تهران حڪومت ان دهشتگرد تنظيم کي اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت فراهم ڪري رهي آهي پر هن ان حوالي سان ڪي به ثبوت فراهم نه ڪيا.
هوڏانهن ايران اهڙن الزامن الزامن کي رد ڪندي انهن کي سراسر ڪوڙ قرار ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔