ڳجهي ووٽنگ ۾ پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيڻ بي ايماني هوندي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن چيو آهي ته ڳجهي ووٽنگ ۾ پارٽي پاليسي خلاف ووٽ ڏيڻ بي ايماني هوندي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل خالد جاويد خان دليل ڏنا ته سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين، وزيراعظم، وڏن وزيرن جون چونڊون اليڪشن ڪميشن ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ واضح ناهن، جڏهن ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ به اليڪشن ڪميشن ناهي ڪرائيندي. هن دليلن ۾ چيو ته سينيٽ ميمبرن جي چونڊ اليڪشن ايڪٽ تحت ٿيندي آهي، جرمني وارو طريقي ڪار پاڪستان ۾ مخصوص سيٽن تي هوندو آهي، شهري جنهن کي چاهي ووٽ ڏئي سگهي ٿو پر ايم پي اي نه. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته چونڊيل نمائندو عوام ۽ پارٽي سربراهه کي جوابده هوندو آهي، ايم پي اي کي ڳجهي راءِ شماري ۾ آزاد ووٽ جو حق ڏيڻ اهم سوال آهي، چونڊن ۾ اميدوار نه پارٽي کي ووٽ ملندو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته پارٽي ڊسيپلين جي پابندي وزيراعظم ۽ بجيٽ منظوري تي ئي آهي، جرمني ۾ سياسي جماعتون طئي ڪنديون آهن ته ڪير ڪير اسيمبلي ميمبر ٿيندو. اٽارني جنرل چيو ايم پي اي جنهن کي مرضي ووٽ ڏئي ته پارٽي ڪيئن هلندي؟ پارٽي جو نمائندو ڊسيپلين جو به پابندي هوندو آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته صدارتي ريفرنس ۾ قانوني پر معاملي سياسي آهي، حڪومت عدالت کان راءِ ڇو پئي گهري، پارليامينٽ سان رابطو ڪري. اٽارني جنرل چيو ته حڪومت سپريم ڪورٽ کان راءِ وٺڻ آئي آهي، عدالت ۾ سوال آرٽيڪل 226 جي سينيٽ چونڊن تي لاڳو جو آهي، عدالت جي راءِ تي فيصلو پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته آرٽيڪل 226 موجب وزيراعظم ۽ وڏي وزير کانسواءِ سموري اليڪشن ڳجهي ووٽنگ سان ٿيندي، ڪو اسيمبلي ميمبر پارٽي خلاف ووٽ ڏيڻ چاهي ٿو ته سامهون اچي ڏئي، آئين جي آرٽيڪل 53 ۽ 60 ۾ ذڪر ناهي ته چونڊون ڳجهيون ٿينديون يا اوپن بيلٽ سان. چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 226 لاڳو ٿيو ته مخصوص سيٽن تي چونڊون ئي نه ٿي سگهنديون، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون قانون تحت ٿينديون آهن. پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي منجهند هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔