اڍائي سالن جي سفارتي نالائقي کي تقريرن سان نٿو لڪائي سگهجي: خرم دستگير

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خرم دستگير چيو آهي ته اڍائي سالن جي سفارتي نالائقي کي تقريرن سان نٿو لڪائي سگهجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير جو چوڻ هو ته پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ طرفي رعايتون نٿيون ڏئي سگهجن، سفارت ڪاري گيتن ۽ بيانن جي ذريعي ناهي ٿيندي پر ملاقاتن جي ذريعي ٿيندي آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جي لاءِ ڳجهو آرڊينس ڇو جاري ڪيو ويو؟ پهريون ڀيرو ڀارت آزاد ڪشمير ۽ گلگت تي حملي جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن، نار ملڪن سان لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ايندڙ حڪومت کي گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت نار ملڪن سان سفارت ڪاري ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ بيانن جي ذريعي ڪئي، ڍاڪا معاملي کان پوءِ 2020 پرڏيهي پاليسي جو بدترين سال هو، عمران خان جي نالائقي دشمنن کي تقويت ۽ دوستن کي پريشان ڪيو، سي پيڪ سستي جو شڪار ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔