وزيراعظم جي عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ڊي ايم جي تحريڪ، براڊ شيٽ ۽ مهانگائي جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ حماد اظهر بريفنگ ڏيندي چيو ته کنڊ هنگامي بنيادن تي درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، درآمد کانپوءِ کنڊ جو اگهه لَهي ويندو. وزيراعظم چيو ته کنڊ درآمد ڪرڻ لاءِ تڪڙا انتظام ڪيا وڃن. ذريعن موجب اجلاس ۾ فواد چوڌري ۽ شيرين مزاري براڊ شيٽ تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس کانپوءِ براڊ شيٽ ٻيو وڏو اسڪينڊل آهي، براڊ شيٽ ڪيس اسان جي موقف جو واضح ثبوت آهي. اجلاس دوران بريفنگ ۾ چيو ويو ته فضل الرحمان سميت ٻين کي اليڪشن ڪميشن اچڻ کان نه روڪيو ويندو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته امن امان تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔