صدر ڪنهن صوبائي معاملي ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي حڪومت ٻين جي ڪمن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي، ٻيٽن جي معاملي تي ڪنهن کي مداخلت جي ضرورت ناهي. پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته مراد سعيد پارليامينٽ ۾ غلط بياني ڪئي، وفاق پ پ سان بغض ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي حقن تي ناهي ڳالهائيندو، مراد سعيد جو ڪم ڪميونيڪيشن جو آهي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي فعال بڻائڻ آهي. هن چيو ته مراد سعيد سياسي پوائنٽ اسڪورنگ تي ڳالهائيندو ته بهتر نه ٿيندو، مراد سعيد چئي ٿو ته ٻيٽن بابت صدر درست آرڊيننس جاري ڪيو، صدر ڪنهن صوبائي معاملي ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي، جنهن جي قانوني اٿارٽي وفاق وٽ هجي، صدر ان تي ئي آرڊيننس جاري ڪري سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته غير ضروري بيانن سان صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ۾ لاڳاپا خراب ٿيندا آهن، مراد سعيد ان آئين کي پڙهي، جنهن تي هن حلف کنيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔