فضل الرحمان حج جي نالي تي 4 ڪمپنيون ٺاهيون آهن: مراد سعيد

اسلام آباد: مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد دعويٰ ڪئي آهي ته مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ملڪيتن جي تفصيل سامهون اچي وئي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي مراد سعيد جو چوڻ هو ته فضل الرحمان جواب ڏيڻ کان لنوائي رهيو آهي، فضل الرحمان جي ناٺي جي اربن جي پراپرٽي اسان سامهون رکي آهي ۽ مولانا فضل الرحمان جو حج ڪرپشن ڪيس سامهون آيو. هن الزام هنيو ته مولانا فضل الرحمان حج جي نالي تي چار ڪمپنيون فرنٽ مين جي نالي تي ٺاهيون، فضل الرحمان جي فرنٽ رئوف ماما جي اڳيان به فرنٽ مين آهي، رئوف ماما جو فرنٽ مين سندس ڊرائيور آهي. سندس چوڻ هو ته هي صفا آصف زرداري واري ڪهاڻي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هن اسرائيل وفد موڪليا، وزير اعظم جي مديني جي رياست جي ڳالهه ڪرڻ، ڪشمير ۽ فلسطين جو ڪيس وڙهڻ سندن اکين ۾ کٽڪي ٿو، جلسن ۾ عوام کين رد ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔