ڪراچي ۾ قيدي پاران جيل مان سوشل ميڊيا ذريعي اڳوڻي زال کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي: ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيدي طرفان سوشل ميڊيا ذريعي اڳوڻي زال کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف، عورت اڳوڻي مڙس خلاف ثبوت کڻي عدالت پهچي وئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست تي ٻڌڻي دوران عورت اسما مشتاق دانهيو ته اڳوڻو مڙس شيخ سينٽرل جيل ۾ 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيو آهي، جيڪو جيل مان به هراسان ڪري ٿو ۽ واٽس ايپ تي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، درخواستگذار عورت اڳوڻي مڙس خلاف ثبوت به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا، عدالت طرفان يوسف پلازه ٿاڻي جي پوليس کي عورت کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم، عورت کي هراسمينٽ بابت نئين درخواست داخل ڪرڻ جِي هدايت، عورت اسما جو چوڻ آهي ته نعيم شيخ کان 2017ع ۾ خلع ورتي هئي، جنهن بعد مڙس مون تي حملو ڪيو، جنهن دوران والد قتل ٿي ويو هو، 2019ع ۾ اڳوڻي مڙس کي عدالت مان سزا ملي، تڏهن کان هو لڳاتار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، عورت طرفان جوابدار مختلف وقتن تي جيل کان ٻاهر نڪرڻ جو به انڪشاف ڪيوويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔