پي ايس 88 ملير تي ننڍي چونڊ: پي ٽي آءِ اميدوار جي حق ۾ ف ليگ هٿ کڻي وئي

ملير: ملير جَي صوبائي تڪ پي ايس 88 تي ننڍي چونڊ ۾ اُميدوارن کان هٿ کڻائڻ لاءِ سياسي پارٽيز ۾ ملاقاتون تيز، پي ٽي آءِ اڳواڻن جو وفد (ف) ليگ هائوس پهچي ويو، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن سان ملاقات دوران پي ٽي آءِ، ف ليگ اُميدوار جِي حمايت ۾ هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جي ڊي اي طرفان پي ٽي آءِ کي وفاقي حڪومت خلاف خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ وفد طرفان جي ڊي اي جا خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري، ملير ۾ ننڍي چونڊ لاءِ اُميدوار آڻڻ بابت پ پ ۽ نواز ليگ ۾ به صلاح مشورا، ملاقات دوران ٻنهي پارٽيز طرفان گڏيل اُميدوار آڻڻ تي ڳالهيون، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ ۾ ملير جي ننڍي چونڊ دوران هڪٻئي خلاف اُميدوار نه بيهارڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔