ملير ۾ اسٽيل ملز ملازمن جو گهر ڀاتين سوڌو سي اِي او رهائشگاهه آڏو ڌرڻو

ملير: ملير ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي برطرف ملازمن جو گهرڀاتين سوڌو سي اِي او جِي رهائشگاهه آڏو ڌرڻو جاري، گهر جو مک دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿيڻ تان انتظاميه مظاهرين خلاف ڪيس داخل ڪرائي ورتو، ايڪشن ڪميٽي جَي اڳواڻن ياسين ڄامڙو، شوڪت ڪورائي، عاصم ڀٽي، امجد زرداري سميت 28 ڄڻن خلاف اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت اسٽيل ملز جَي ملازمن کي برطرف ڪري هزارين ڪٽنبن کي بک، بدحالي ۽ اذيتن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، فيسون نه ڏيڻ کي پورهيتن جَي ٻارن جون داخلائون رد ٿي ويون آهن، ملز انتظاميه گهر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيس ڏئي ڇڏيا آهن، آپگهات ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، برطرفين جو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته سخت ترين احتجاج ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔