ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي:ايف بي آءِ

واشنگٽن : امريڪي انصاف واري کاتي ۽ ايف بي آءِ چيو آهي ته ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪيپيٽل هل تي حملي بابت امريڪي انصاف واري کاتي ۽ ايف بي آءِ عملدارن گڏيل پريس ڪانفرس ڪئي، پريس ڪانفرنس ڪندي ايف بي آءِ عملدارن جو چوڻ هو ته حملي بعد شهر ڇڏي ويل مظاهرين جو رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. امريڪي انصاف واري کاتي جي عملدارن موجب جيڪو به وڳوڙن ۾ملوث هوندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. عملدارن جو چوڻ هو ته بغاوت ۽ سازش تي اڪسائڻ جي ڪيس جي پيروي ڪئي پئي وڃي، جنهن جي سزا 20 سال قيد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔