شرڌا ڪپور چهري تان داڻا ختم ڪرڻ جو سولو نُسخو ٻڌائي ڇڏيو

نئين دهلي : بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا شرڌا ڪپور چهري تي نڪرندڙ داڻن مان ڇوٽڪاري جو صفا سولو نسخو ٻڌائي ڇڏيو.
هڪ ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي شرڌا ڪپور پنهنجي خوبصورتي جا راز ٻڌايا.
هڪ سوال جي جواب ۾ بالي ووڊ سندري چيو ته مان پنهنجي چهري تي نڪرندڙ داڻن جو علاج ”ٽوٿ پيسٽ“ سان ڪندي آهيان.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن منهنجي چهري تي داڻا نڪرندا ته مان ٽوٿ پيسٽ جو ئي استعمال ڪنديس، ان سان داڻا جلد خشڪ ٿي ويندا.
واضح رهي ته ٽوٿ پيسٽ جي ڪجهه قسمن ۾ سيليڪا موجود هوندو آهي، جيڪو گهم کي ختم ڪندو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ داڻا خشڪ ٿي ختم ٿي ويندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو شرڌا ڪپور به داڻا ختم ڪرڻ لاءِ ٽوٿ پيسٽ جو استعمال ڪندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔