وينا ملڪ اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ داخل ڪرائي ڇڏي

لاهور : اداڪارا وينا ملڪ اڳوڻي مڙس اسد خٽڪ خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ داخل ڪرائي ڇڏي.
لاهور جي سيشن ڪورٽ سان رابطو ڪندي وينا ملڪ موقف اختيار ڪيو آهي ته مان اسد خٽڪ کان خلع وٺي ڇڏي آهي ۽ ٻارن کي به عدالت منهنجي حوالي ڪيو آهي.
سندس موجب اسد خٽڪ ڪوڙا الزام هڻي شهرت کي متاثر ڪري رهيو آهي ۽ هو بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ الزام هڻي رهيو آهي، تنهن ڪري عدالت کيس 100 ڪروڙ رپي ڏنڊ ڀرڻ جو حڪم ڏئي.
واضح رهي ته وينا ملڪ 2013 ۾ اسد خٽڪ سان شادي ڪئي هئي ۽ انهن جا ٻه ٻار آهن، جڏهن ته وينا ملڪ 2017 ۾ اسد خٽڪ کان خلع ورتي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔