تعليمي ادارن جي حدن ۾ سگريٽ جي وڪري تي اختيارين کي نوٽيس

لاهور هاءِ ڪورٽ تعليمي ادارن جي حدن ۾ سگريٽ ڇڪڻ ۽ ان جي وڪري خلاف درخواست تي لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اظهر صديق ايڊووڪيٽ جي درخواست تي جسٽس شاهد جميل خان ٻڌڻي ڪئي، جتي درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته تعليمي ادارن وٽ سگريٽن جا دڪان آهن، جتي سولائي سان سگريٽ ملي ويندا آهن.
هن چيو ته تعليمي ادارن وٽ سگريٽن جي دڪانن سبب نوجوان نسل ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي عادت تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، اختيارين کي ان حوالي سان ڪيتريون ئي درخواستون ڏنيون ويون پر ڪو تدارڪ نه ٿيو.
درخواست گذار عدالت کي اپيل ڪئي ته تعليمي ادارن ۾ سگريٽ جي وڪري تي پابندي هنئي وڃي.ڍ
ٻڌڻي دوران جسٽس شاهد جميل لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 4 فيبروري تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔