خبر ناهي ته ڪميٽي اجلاس ۾ ڇا ٿيندو: مصباح الحق

لاهور : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته نيوزيلينڊ ۾ شڪست جو ڪو جواز پيش نه ڪندس ۽ ڪوچ طور اها شڪست منهنجي لاءِ ۽ ٽيم لاءِ مايوس ڪندڙ آهي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ارائيول پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو ته ڪرڪيٽ مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ انهن کي سمجهڻ ضروري آهي، ٽيم ۽ مئنيجمينٽ جي محنت ۽ ڪوشش ۾ گهٽتائي نه هئي، نيوزيلينڊ جي ٽيم مضبوط آهي ۽ ان جو تازو رڪارڊ به سٺو آهي، قرنطينه سبب رانديگر ڪمرن تائين محدود رهڻ جي ڪري به مسئلا ٿيا.
هن چيو ته ڪورونا سبب سڄي دنيا جي مهمنا ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل ناهي رهيو، سيريز کانپوءِ ٽيم جي ڪارڪردگي تي تجزيو ضروري آهي، اسان کي انجريز به پريشان ڪيو، سڀ کان وڏو نقصان بابر اعظم جو ان فٽ ٿيڻ هو، ٽيم ڪا ڪسر نه ڇڏي، فهيم اشرف آل رائونڊر جو خال ڀري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته تنقيد ٿيندي رهندي، مان ڪرڪيٽ تي فوڪس ڪري رهيو آهيان، چاهيندس ته حقيقتون سامهون رکي تجويزون تيار ڪيون وڃن، خراب ڪارڪردگي جو ذميوار رڳو مان ناهيان پر ٻيا سبب به ڏسڻ گهرجن، هڪ شخص جي تبديل ٿيڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔