ورات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما جي گهر ننڍڙي جي پيدائش

نئين دهلي : ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ورات ڪوهلي جي گهرواري بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما ڌيءُ کي جنم ڏئي ڇڏيو.
ورات ڪوهلي انسٽاگرام تي پنهنجي ڌيءُ جي ڄمڻ جو اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽر کي مبارڪن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
ورات ڪوهلي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته ”اسان اهو ٻڌائيندي پرجوش آهيون ته اسان وٽ اڄ ڌيءُ جي پيدائش ٿي آهي، اسان سڀني جي پيار، دعائن ۽ نيڪ خواهشن جا ٿورا مڃون ٿا“.
هن وڌيڪ چيو ته ”انوشڪا ۽ ڌيءُ ٻئي بلڪل ٺيڪ آهن ۽ اسان زندگي جي هن نئين سبق جي شروعات ڪندي ڏاڍا شڪرگذار محسوس ڪري رهيا آهيون“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔