پاڪستان ۾22 ڪروڙ آبادي ۾ لڳ ڀڳ20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏيندا آهن: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ دنيا ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿيندو آهي، 22 ڪروڙ آبادي ۾ تقريبن 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏيندا آهن ۽ 20 لکن مان 70 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندڙ صرف 3 هزار پاڪستاني آهن. اسلام آباد ۾ اسٽيٽ بينڪ جي ڊجيٽل ادائگي جي نظام “ راست ” جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعطم عمران خان  چيو ته ڪيش اڪانامي 22 ڪروڙ آبادي واري ملڪ کي فائدو کڻڻ ۾ رنڊڪ آهي، سڀ کان وڏو نقصان ٽيڪس جي وصولي ۾ آهي، پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ڪندو آهي.  وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ڪندو آهي، 70 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندڙن مان 3 هزار پاڪستاني آهن. اسان جي 22 ڪروڙ آبادي ۾ تقريبن 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏيندا آهن ۽ 20 لکن مان 70 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندڙ صرف 3 هزار پاڪستاني آهن. هن چيو ته هي رنڊڪ ان لاءِ آهي ڇو ته اسان پنهنجو انفرااسٽرڪچر نٿا ٺاهي سگهون، ٻارن کي تعليم نٿا ڏئي سگهون، اسپتالن کي بهتر نٿا ڪري سگهون، 50 سال پهريان خطي ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ ان ڪري اڳتي نٿو وڃي سگهي ڇو ته ان وٽ ايترو پيسو ناهي. عمران خان جو چوڻ هو ته پنهنجي عوام تي جيترو پيسو خرچ ڪرڻ گهرجي اهو اسان نٿا ڪري سگهون، راست پروگرام سان هيٺئين طبقي کي به پنهنجي ترقي ۾ شامل ڪري سگهون ٿا، احساس پروگرام ۾ غربت گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، موبائل والٽ استعمال ڪري رهيا آهيون ۽ عورتن جي بينڪ اڪائونٽس بابت به ڳالهيون هلندڙ آهن، راست پروگرام ان کي اڳتي وڌائيندو. وزير اعظم چيو ته اسان جي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين آفيشل طريقي سان پيسو اماڻيو جنهن ڪري سالن کان جاري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 5 مهينا سرپلس ۾ هليو ويو ۽ ان سان تمام گهڻو فائدو ٿيو.ان جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته اسان جي رپئي تي دٻاءُ گهٽ ٿيو، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيڻ سان اسان جي رپئي کان وڏو دٻاءُ گهٽيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔