پاڪ فوج ملڪي معاملن ۾ ڪابه مداخلت نه ڪري رهي آهي ،پنهنجو ڪم پئي ڪري: ترجمان پاڪ فوج

راولپنڊي : پي ڊي ايم طرفان راولپنڊي اچڻ جو ڪوبه جواز نٿو ٺهي، تڏهن به پي ڊي ايم وارا راولپنڊي آيا ته چانهه پاڻي پيئارينداسين، ڪجهه پارٽيز طرفان فوج مٿان لڳايل الزامن ۾ ڪابه سچائي نه آهي، فوج تي تنقيد ۽ الزامن ۾ سچائي هجي ته جواب ڏيون، پاڪ فوج ڪابه مداخلت نه ڪري رهي آهي ۽ پنهنجو ڪم پئي ڪري، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ڀارت، پاڪستاني عوام کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارتي منصوبن جو سڀ کان وڌيڪ نشانو بلوچستان آهي، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهرجن، آرمي چيف هلندڙ هفتي ڪوئيٽا جي دوري تي ويندو، راولپنڊي ۾ نيوز ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته دشمن قوتون پاڪستان کي ورهائڻ گهرن ٿيون، پاڪستان اندر ڀارتي دهشتگردي جا ثبوت موجود آهن، ڀارت ٻن ڏهاڪن ايل او سي تي چڙ ڏياريندڙ سرگرمين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، پاڪستان ڀارتي اشتعال انگيزي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ سميت ذميوار رياست جو مظاهرو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔