سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ اهم پوسٽ تي سڌي ريت مقرري جو انڪشاف

ڪراچي: سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ صحت کاتي پاران اهم پوسٽ تي سڌي ريت مقرري جو انڪشاف، 18گريڊ جي سينيئر وومين ميڊيڪل آفيسر فرحانه ميمڻ کي صحت کاتي سڌي ريت ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته قانوني طور سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ سڌي ريت صحت کاتي کي مقرري جو اختيار نه آهي، هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ مقرري جي منظوري بورڊ آف ڪمشنر کان ناهي ورتي وئي، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ 20هين گريڊ جي پوسٽ تي 18هين گريڊ جي آفيسر کي مقرر ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔