سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار حادثن ۾ 4 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا اجل جو شڪار، لکي غلام شاهه ڀرسان ٽرالر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت، حادثي ۾ فوت ٿيلن جي صديق جلباڻي ۽ محمد سالم جلباڻي طور تصديق، ملير جي پورٽ قاسم ڀرسان تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو چيڀاٽجي فوت، اڻڄاتل گاڏي واٽهڙو کي ٽڪر هڻي فرار ٿي وئي، لاش جي عيدو ڪنور طور سڃاڻپ، نئون ديرو ڀرسان گڏهه گاڏي ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر سبب زخمي ٿيل ڳوٺاڻي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، فوتي منظور ميراڻي جو لاش لاڙڪاڻو جي نجي اسپتال ۾ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔