پنجاب ۽ ڪي پي سرڪار پاران اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ چونڊن جي حمايت

اسلام آباد: پنجاب ۽ ڪي پي سرڪار اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ چونڊن جي حمايت ڪري ڇڏي، ٻنهي صوبن جي حڪومتن طرفان سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع، پنجاب سرڪار موقف اختيار ڪيو آهي ته سينيٽ چونڊن دوران ووٽس جي خريداري ۽ وڪرو وڏو مسئلو آهي، موجوده صورتحال ۾ سينيٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ اڻٽر آهي، سينيٽ چونڊون رڳو آئين نه، پر اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت به ڪرائي سگهجن ٿيو، ڪي پي حڪومت رپورٽ ۾ استدعا ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ راءِ ڏئي ته سينيٽ چونڊن لاءِ حڪومت اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي، اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ چونڊن لاءِ قانون ۾ ترميم لازمي آهي، سپريم ڪورٽ اوپن بيلٽ ذريعي سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي وفاق ۽ صوبائي حڪومتن کان جواب طلب ڪيو هو…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔