مون کي ذهني، جذباتي ۽ جسماني ٽارچر جو نشانو ڇو بڻايو ويو

ممبئي : بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت ٽوئيٽر تي شيئر ڪيل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته هن کي ٽارچر جو نشانو بڻايو ويو، هن سواليا انداز ۾ چيو ته مون تي ذهني، جذباتي ۽ جسماني تشدد (ٽارچر) ڇو ڪيو ويو؟ مون کي هن قوم کان ان جو جواب گھرجي.
ڪنگنا رناوت وڊيو ۾ وڌيڪ چيو ته آئون پنهنجي لاءِ بيٺل آهيان، هاڻ اوهان مون لاءِ بيهو.
سندس چوڻ هو ته جڏهن کان آئون عوام جي ڀلائيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي تڏهن کان مون کي ٽارچر ڪرڻ شروع ڪيو ويو.منهنجو گھر ڪيرايو ويو ڇو جو آئون هارين جي ڀلائيءَ جي ڳالهه ڪندي هيس، مون خلاف ڪيترائي ڪيس ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ ڪيس ته مون خلاف کلڻ تي به ڪيو ويو.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته هن جي ڀيڻ رنگولي جڏهن ڪورونا وائرس جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڊاڪٽر سان بدسلوڪي تي آواز اٿاريو ته هن خلاف به ڪيس ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔