پي ايس ايل 2021 جي شيڊول جو اعلان

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ 2021ع جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ليگ جو افتتاحي ميچ 20 فيبروري تي کيڏيو ويندو، جتي دفاعي چيمپئن ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيمن ۾مقابلو ٿيندو. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ميچ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.
ايندڙ ڏينهن ايونٽ ۾ ٻه ميچون کيڏيون وينديون.
پهرين ميچ ۾ليگ جي پنجين ايڊيشن جي فائنلسٽ لاهور قلندرز ۽ ايڊيشن 2017ع جي فاتح پشاور زلمي جون ٽيمون جڏهن ته ٻي ميچ ۾ 2 ڀيرا چيمپئن اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ملتان سلطانز جون ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔