برطانيا ۾ ڪورونا خلاف هڪ ٻي ويڪسين جي استعمال جي اجازت

لنڊن: برطانيا ۾ ڪورونا جي خلاف هڪ ٻي ويڪسين جي استعمال جي اجازت ملي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب برطانوي ريگوليٽرز موڊرنا ويڪسين کي به ڪورونا مريضن ۾ استعمال لاءِ محفوظ قرار ڏنو ويو آهي.
آمريڪي ڪمپني جي تيار ڪيل موڊرنا ويڪسين کي ڪووڊ -19 جي خلاف حتمي ٽرائل ۾ 94 سيڪڙو موثر ڏٺو ويو، برطانيا موڊرنا ويڪسين جي 7 ملين خوراڪن جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي جيڪي مارچ تائين موجود هونديون.
برطانيا ۾ ڪورونا جي خاتمي لاءِ منظور ڪيل ويڪسينز جو انگ 3 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔