مودي سرڪار تي تڪراري زرعي قانون واپس وٺڻ جو دٻاءُ وڌي ويو

نئين دهلي: مودي سرڪار تي نئين زرعي قانون رد ڪرڻ لاءِ هارين جو دٻاءُ وڌڻ لڳو آهي، ڀارتي زراعت جي وزير پاران هارين سان ملاقاتون به ناڪام ٿي ويون، هاري اڳواڻن جو چوڻ آهي ته حڪومت وڌيڪ نئين زرعي قانون جو منصوبو ٺاهي رهي آهي ته ان تي به احتجاج ڪيو ويندو.
ڀارت ۾ هارين ۽ مودي سرڪار وچ ۾ ڳالهين جو ڪو بريڪ ٿرو نه ٿي سگهيو، هارين جو چوڻ آهي ته نئين قانون جي ضرورت ئي ناهي ته پوءِ مودي لاڳو ڇو پيو ڪري.
مظاهرن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ آبادگارن جي عوامي رابطا مهم جاري آهي، هنن جالندر ۽ ڀاگپور ۾ ٽريڪٽر ريليون ڪڍيون ۽ ماڻهن کي 26 جنوري دلي پهچڻ جي اپيل ڪئي.
دلي جي چوڌاري ويٺل ڌرڻي ۾ موجود مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اهو قانون رد ڪرائي پوءِ ساهه پٽينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔