ٽرمپ جي حامين جو آمريڪي پارليامينٽ تي حملو، 4 ڄڻا مارجي ويا، بم هٿ،آمريڪي ڪانگريس پاران جابائيڊن جي ڪاميابي جي توثيق

واشنگٽن: واشنگٽن ۾ صدراتي چونڊن  جي نتيجن خلاف ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين پاران احتجاج دوران چڪرين بعد واشنگٽن ۾ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، ٽرمپ جي حامين پاران ڪيپٽل هل تي چڙهائي دوران چڪرين ۾ زخمي ٿيل عورت فوت ٿي وئي .  پرڏيهي خابرو اداري موجب ڇڪتاڻ سبب واشنگٽن ڊي سي ۾  ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي . ڪرفيو سبب آمريڪا جي گادي واري شهر جا رستا سنسان ٿي ويا آهن جڏهن ته احتجاج ڪندڙ ماڻهو به گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.ان کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ جي هزارين حامين پاران ڪيپٽل هل تي چڙهائي دوران چڪريون ٿيون ، چڪرين دوران  ڳوڙها آڻيدڙ گيس جو پڻ استعمال ڪيو ويو فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عورت اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي ، جڏهن ته هاڻ مارجي ويلن جو انگ چار ٿي ويو آهي، .شهر جون حالتون خراب ٿيڻ بعد  عوامي نمائندن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ پاران پنهنجي حامين کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي امريڪي ڪانگريس جي گڏيل اجلاس ۾ صدارتي چونڊن جي نتيجن ۾ بائيڊن جي ڪاميابي جي توثيق ڪئي وئي ، بائيڊن جي ڪاميابي تي ٽرمپ جا حامي آپي مان نڪري ويا، ڪيپيٽل هِل جي عمارت ۾ ٽرمپ جي حامين جي چڙهائي بعد وڏي تعداد ۾ پوليس نفري مقرر، امريڪي سينيٽ پينيسلوانيا جي چونڊ نتيجن تي ٽرمپ جي حامين جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا، نائب صدر طرفان چونڊ نتيجن تي ريپبلڪن پارٽي جا 3 اعتراض رد، ٽوئيٽر امريڪي صدر ٽرمپ جا چڙ ڏياريندڙ پيغام هٽائي ڇڏيا، ٽوئيٽر انتظاميا ٽرمپ جا 3 ٽوئيٽ بيان ڊليٽ ڪرڻ بعد کيس 12 ڪلاڪن لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو، فيس بُڪ به پاليسيز جي ڀڃڪڙي تي ٽرمپ کي 24 ڪلاڪ لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔