اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان طرفان مچ سانحي جي شهيدن کي دفنائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، جاري بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکويل خاندانن سان واعدو ڪريان ٿو ته جلد ڪوئيٽا ايندس، شهيدن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، حڪومت امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر طرفان ملاقات ڪئي وئي، ملاقات ۾ اهم پارليماني معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.