واشنگٽن ۾ هنگاما، ٽرمپ جي حامين پاران پارليامينٽ تي حملو ، ڪرفيو لاڳو

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين ڪيپيٽل هِل ( آمريڪي پارليامينٽ) تي حملو ڪري ڏنو ۽ سڪيورٽي ٽوڙيندي اندر داخل ٿي ويا.

آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين جو وڏو انگ رڪاوٽون ۽ سڪيورٽي ٽوڙيندي واشنگٽن ۾ ڪيپيٽل هِل جي عمارت ۾ داخل ٿي ويو.

پوليس احتجاج ڪندڙن کي منتشر ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو جڏهن ته احتجاج ڪندڙن به پوليس تي خارش وارو اسپري ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن سان جهڙپن ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا جڏهن ته هڪ عورت گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي ، جنهن کي اسپتال نيو ويو پر هوءَ جانبر نه ٿي سگهي ۽ فوت ٿي وئي.

واشنگٽن انتظاميا پاران آمريڪي حڪومت کان ڪرفيو لاڳو ڪرڻ ۽ فوج طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو پر آمريڪي بچاءَ واري کاتي انتظاميا جو فوج گهرائڻ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.

آمريڪي حڪومت جي منظوري کانپوءِ واشنگٽن ۾ صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو جڏهن ته ڪيپيٽل هل جي عمارت کي به لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي .

نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن جو ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ چوڻ هو ته ڪيپيٽل هِل جي عمارت ٻاهران تشدد وارو  مظاهرو آمريڪي جمهوريت جي عڪاسي نه ٿو ڪري اڄ جي واقعي جي ڪري اڄوڪو ڏينهن آمريڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي .

ان موقعي تي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته هن کي پنهنجي حامين سان پيار آهي، اهي قانون کي هٿ ۾ نه کڻن ، واپس پنهنجي گهرن ڏانهن هليا وڃن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔