مچ سانحو: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پنجين ڏينهن به ڌرڻا، ڪوئيٽا ۾ شٽر ڊائون هڙتال

ڪوئٽه: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ مچ سانحي خلاف مظاهرين جو ڌرڻو جاري آهي. جڏهن ته ڪوئٽه ۾ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال آهي.

رپورٽ موجب ڪوئٽه جي باءِ پاس تي هزارا برادري جو لاشن سان گڏ ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري آهي. سخت ٿڌ جي باوجود احتجاجي ڌرڻي ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ شامل آهن. ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن چيو آهي ته جيستائين وزيراعظم احتجاجي ڌرڻي ۾ نه ايندو ميتن سان گڏ ڌرڻو جاري رهندو.

ڪوئٽه ۾ سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن.  انجمن تاجران جو ان بابت چوڻ آهي ته شهيدن جي وارثن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. حڪومت امن امان آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مچي سانحي جي خلاف احتجاجي ڌرڻا جاري آهن.

عائشه منزل، پاور هائوس ڇورنگي، نمائش چورنگي، نيو صوبه، سفوره چورنگي ۽ ڪامران چورنگي تي ڌرڻو جاري آهي. ڌرڻي سبب اسٽار گيٽ، ملير 15، ناٿا خان پل ۽ نيپا پل ٽريفڪ جي لاءِ بند آهي. مچ سانحي جي خلاف حيدرآباد، خيرپور، دادو ۽ مختلف شهرن ۾ به ڌرڻا جاري آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔