ناليواري براڊ ڪاسٽر،ڊراما نگار۽ ڪهاڻيڪارممتاز مرزا جي 25هين ورسي

ڪراچي: سنڌي ادب، ثقافت ۽ تاريخ جي حوالي سان جن ماڻهن جون خدمتون ياد رکيون وينديون انهن منجهان ناليوارو براڊ ڪاسٽر،اسڪرپٽ رائيٽر، ڊراما نگار ۽ ڪهاڻيڪار ممتاز مرزا جونالو به مٿاهون نظر ايندو.

ممتاز مرزا جو تعلق حيدرآباد جي پراڻي علائقي ٽنڊو آغا سان هو ، ممتاز مرزا 29 نومبر 1939 ع تي ناليواري شاعر ، اديب ، تاريخدان ۽ نثر نويس مرزا ”گل حسن بيگ “ احسن ڪربلائي جي گهر ۾ اکيون کوليون .

شروعاتي تعليم هن حيدرآباد  جي آسودو مل حڪومت راءِ اسڪول ڦليلي مان ورتي ، ميٽرڪ جو امتحان نور محمد هاءِ اسڪول مان پاس ڪيو،انٽرميڊيٽ سنڌ اورينٽل ڪاليج ۽ ايم اي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪئي.

1955ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن شروع ٿيڻ کانپوءِ سندس والد مرزا گل حسن بيگ اتي اسڪرپٽ رائيٽر طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ،انهن ئي ڏينهن ۾ ممتاز مرزا کي به ريڊيو ته ڪم ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ پوءِ تعليم سان گڏو گڏ هو ريڊيو لاءِ به ڪم ڪندو رهيو.

ممتاز مرزا اڳتي هلي ريڊيو لاءِ ڊراما لکڻ به شروع ڪيا ، سندس سڀ کان وڌيڪ مقبول ڊرامو ”آخري رات “ هو.

1979 ۾ آخري رات جي نالي سان ئي سندس ڊرامن جو ڪتاب شايع ٿيو ، ممتاز مرزا ڪهاڻيڪار طور به گهڻي مڃتا ماڻي ، هن لڳ ڀڳ چاليهه ڪهاڻيون به لکيون .

ممتاز مرزا ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شيخ محمد اسماعيل جي نگراني ۽شاگردي ۾ تحقيق تي به وڏو ڪم ڪيو .

1976 ۾ هو پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچي تي اسڪرپٽ رائيٽر طور ڀرتي ٿيو، جنهن کانپوءِ هن سنڌي اسڪرپٽ تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو ۽ سنڌ جي ناليواري ليکڪن  نورالهديٰ شاهه ، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، آغا سليم، مراد علي مرزا، امر جليل، شمشيرالحيدري،قمر شهباز ۽ آغا رفيق کان ڊراما لکرايا. ممتاز مرزا هڪ ميزبان جي حيثيت سان به ڪيترائي پروگرام ڪيا ، جن ۾ سنڌ سينگار، روح رهاڻ، لطيفي لات ۽ ٻيا شامل آهن.

ممتاز مرزا 1990 کان 1996 تائين سنڌ جي ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل به رهيو ، ان عهدي تي رهندي هن سنڌي ڪتاب ڇپائڻ جو ڪم شروع ڪيو ۽ ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا.

هن پنهنجي حياتي ۾ 3 اهم ڪتاب لکيا ، جيڪي سندس زندگي ، حالتن، واقعن ۽ يادگيرين تي ٻڌل آهن ،جن مان وساريان نه وسرن نمايان آهي.

ممتاز مرزا عمر جي آخري ڏهاڙن ۾ 1996 ع ۾ حيدرآباد پنهنجي اباڻي شهر واپس وريو هو جتي ڏهه ڏينهن کن مس رهيو جو هتي هن جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ هو هميشه لاءِ پنهنجي پيارن  کي ڇڏي ابدي عالمَ ڏانهن روانو ٿي ويو. ممتاز مرزا جي وڇوڙي کي 25 ورهيا گذرڻ باوجود سندس مداح کيس اڄ به ياد ڪن ٿا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔