مريم نواز کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري به ڪوئٽه وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هزارا برادري جي ڌرڻي ۾ ڪوئٽه وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به ڪوئٽه ويندو ۽ مچ سانحي جي شهيدن  جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندو.

ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز هزارا برادري جي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪالهه ڪوئٽه وڃڻ جو اعلان ڪيو هو واضح رهي ته مچ سانحي جي خلاف مظاهرين جو ڪوئٽه جي باءِ پاس تي ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري آهي.

وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پهچندڙ حڪومتي ٽيم جون به مظاهرين سان ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن ۽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم عمران خان جي ڪوئٽه اچڻ تائين ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔