آمريڪا ۾ هنگاما، قومي سلامتي جو صلاحڪار مستعفي، صدر جي برطرفي لاءِ صلاح مشورا جاري

واشنگٽن: آمريڪي پارليامينٽ تي حملي کانپوءِ قومي سلامتي جي صلاحڪار ميٽ پوٽينجر پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ صدر ٽرمپ کي 25 هين آئيني ترميم وسيلي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي .

ڪيپيٽل هل ۾ هنگامي کانپوءِ وائٽ هائوس جي نائب پريس سيڪريٽري ساره ميٿيوز به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

خاتون اول ميلانيا ٽرمپ  جي چيف آف اسٽاف ۽ ٽرمپ جي اڳوڻي پريس سيڪريٽري اسٽِفيني گريماور،  وائٽ هائوس جي سوشل سيڪريٽري اناڪر اسٽينا به عهدي تان استيعفيٰ ڏئي ڇڏي .

رپورٽ موجب انهن مڙني ڪيپيٽل هِل ۾ پيش آيل تشدد واري واقعن کانپوءِ پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڏنيون آهن .

عالمي ميڊيا موجب واشنگٽن ۾ پيدا ٿيل ڳڻتي جوڳي صورتحال کانپوءِ مائيڪ پنس کي 14 ڏينهن لاءِ صدر جون ذميواريون سونپڻ لاءِ صلاح مشورا جاري آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔