مسلم ليگ(ن) جي پنجاب اسيمبلي ميمبر منيره يامين ستي ڪورونا وگهي فوت

لاهور: ڪورونا وائرس هڪ ٻئي سياستدان کان حياتي کسي ورتي. مسلم ليگ(ن) جي پنجاب اسيمبلي ميمبر منيره يامين ستي ڪورونا وگهي فوت ٿي وئي.

منيره يامين ستي ڪافي ڏينهن کان ڪورونا  سبب وينٽي ليٽر تي هئي.(ن) ليگ جي پنجاب اسيمبلي ميمبر منير يامين ستي کي ڪورونا وائرس جي تصديق کان پوءِ راولپنڊي جي بينظير ڀٽو اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.

جتي سندس حالت خراب ٿيڻ تي کيس سي ايم ايڇ اسپتال راولپنڊي منتقل ڪيو ويو اتي به ڪيترائي هفتا علاج کان پوءِ ان جو ڪورونا ٽيسٽ ته ناڪاري آيو پر سندس  طبيعت بهتر نه ٿي سگهي ۽ ڪيترائي ڏينهن وينٽي ليٽر تي رهڻ کان پوءِ هو لاڏاڻو ڪري وئي.

ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب ڪورونا وائرس سبب 50 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ 10 هزار 511 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔