ڪورونا وگهي وڌيڪ 50 مريض حياتيون وڃائي ويٺا،2هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هڪ ڏينهن دوران 50 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 500 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل طور تي ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 69 لک 64 هزار 337 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 2 هزار 482 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 4 لک 95 هزار 075 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 21 هزار 734، پنجاب ۾ هڪ لک 42 هزار 835، خيبرپختونخواهه ۾ 60 هزار 229، اسلام آباد ۾ 38 هزار 687، بلوچستان ۾ 18 هزار 300، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 416 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 874 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 34 هزار 49 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 50 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ گڏيل طور تي 10 هزار 511 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 2 هزار 122 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 50 هزار 515 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔