مچ سانحي خلاف سنڌ جي راڄڌاني سميت مختلف شهرن ۾ شيعا تنظيمن جا ڌرڻا جاري

ڪراچي: مچ سانحي خلاف سنڌ جي راڄڌاني سميت مختلف شهرن ۾ شيعا تنظيمن جا ڌرڻا جاري آهن ، حيدرآباد ۾ واڌو واهه وٽ باءِ پاس تي مجلسِ وحدت المسلمين جَي سڏ تي ڌرڻو هنيوويو آهي ، ڪراچي سميت مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل رهي ، لاڙڪاڻي، دادو، جيڪب آباد، خيرپور، هالا، بدين ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهراڪيا پيا وڃن، مچ سانحي جَي جوابدارن کي انجام تي پهچائڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي ، ڪراچي ۾ نمائش چورنگي تي لڳل ڌرڻي ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه پهچي ويو، احتجاج ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔