سعودي عرب ۽ قطر وچ ۾ تڪرار ختم، ٽن سالن بعد سرحدون کولڻ جو فيصلو

رياض: سعودي عرب ۽ قطر هڪ ٻئي جي لاءِ سرحدون کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جون 2017 ۾ سعودي عرب قطر سان گڏ واپاري ۽ سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا هئا.

عالمي ذريعن موجب قطر کي اڄ کان سعودي عرب ۾ شروع ٿيندڙ عرب تعاون ڪائونسل جي 41هين اجلاس ۾ گهرايو ويو آهي. الجزيره ٽي وي پنهنجي ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اها اڳڀرائي آمريڪي صدر دونلد ٽرمپ  جي صلاحڪار جينڊ ڪشنر جي عرب ملڪن جي دورن کان پوءِ سامهون آئي جيڪو هن ڊسمبر 2020 ۾ ڪيو هو.

بي بي سي موجب هڪ آمريڪي آفيسر جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ۽ قطر وچ ۾ تڪرار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ٿينديون. سال 2017 ۾ سعودي عرب، متحده عرب امارات، بحرين ۽ مصر قطر سان لاڳاپا ختم ڪندي ڪجهه مطالبا رکيا هئا جنهن ۾ الجزيره ميڊيا نيٽ ورڪ کي بند ڪرڻ به شامل هو.

عالمي ميڊيا موجب ٻنهي عرب ملڪن جا لاڳاپا معمول تي آڻڻ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وڏو هٿ آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صلاحڪار جينرڊ ڪشتر ڊسمبر 2020 ۾ سعودي  بادشاهه محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ان ملاقات کان پوءِ هو قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني سان به مليو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔