آرمي چيف سان زلمي خليل زاد جي ملاقات، افغان امن عمل تي ڳالهيون

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه سان آمريڪي نمائندي خليل زاد ملاقات ڪئي جنهن ۾ افغان امن عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي(آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه سان افغانستان جي لاءِ آمريڪا جي نمائندي زلمي خليل زاد ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي جي صورتحال ۽ افغان امن عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ان موقعي تي زلمي خليل زاد جو چوڻ هو ته علائقائي امن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جو ڪردار تعريف جي قابل آهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔