ڪورونا وائرس: برطانيه ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو

لنڊن: برطانوي وزيراعظم ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ نئين پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب برطانوي وزيراعظم بورس جانسن چيو آهي ته نئين قسم جي ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي  جنهن سبب ڪورونا ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ان لاءِ برطانيه ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون لاڳو رهندو ۽ تعليمي ادارا بند رهندا پر آن لائن ڪلاسز جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

هن چيو ته غيرضروري ڪاروباري مرڪز، هوٽلون، بيوٽي سيلون، آئوٽ ڊور ورزش، گولف ڪورٽس ۽ ٽينس ڪورٽس بند رهندا. جڏهن ته اجتماعي رانديون ۽ سير تفريح جا مرڪز به بند رهندا.

برطانوي وزيراعظم شادي جي تقريبن ۽ چڙيا گهر به بند رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته يقين آهي ته وائرس جي خلاف جدوجهد  آخري مرحلي ۾ آهي. برطانوي وزيراعظم شهرين کي گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شهري بنا ڪنهن ضرورت جي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔