حڪومت نوازشريف جي لنڊن مان واپسي نٿي چاهي: احسن اقبال

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت چاهي ٿي ته نوازشريف لنڊن مان واپس نه اچي.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته حڪومت پهريان نوازشريف کي  وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ پوءِ ڊرامو ڪيو. هن چيو ته وزيرن کي سڀني کان وڌيڪ جلدي نوازشريف جو پاسپورٽ رد ڪرڻ جي آهي.  هي نٿا چاهين ته اڳوڻو وزيراعظم پنهنجي ملڪ واپس اچي.

احسن اقبال چيو ته  نيب لنڊن ۾ ڪيس هارائي وئي آهي. نوازشريف جي اثاثن جي جانچ پڙتال  دوران 4 ارب روپيه ٻڏي ويا.هن جو چوڻ هو ته ايتري ماليت جا فليٽ به ناهن جيترا پئسا خرچ ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو هو ته 16 فيبروري تي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو پاسپورٽ رد ڪري رهيا آهيون. 

جڏهن ته گهرو صلاحڪار شهزاد اڪبر به چيو آهي ته نوازشريف جي پاسپورٽ جو مدو فيبروري جي ٻئين هفتي ۾ ختم ٿي رهيو آهي ۽ ان کي رينيو ڪرڻ جي لاءِ نوازشريف کي پاڻ درخواست ڏيڻي پوندي. هن چيو ته نوازشريف جي درخواست کان پوءِ ئي حڪومت فيصلو ڪندي پر امڪان آهي ته نوازشريف پاسپورٽ ٺهرائي ڪنهن ٻئي ملڪ وڃي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔