وزيراعظم عمران خان پاران گهريلو صارفين کي بجلي اگهن ۾ رليف ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان گهريلو صارفين کي بجلي اگهن ۾ رليف ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صنعتن کي بنا رنڊڪ ۽ سستي بجلي فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ توانائي شعبي جي حوالي سان جائزي وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب، خسرو بختيار، ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران توانائي واري وزارت پاران وزيراعظم عمران خان کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان گهريلو صارفين کي بجلي اگهن ۾ رليف ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صنعتي شعبو ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن کي بنا رنڊڪ ۽ سستي بجلي فراهم ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔