مفتي منيب الرحمان کي چيئرمين رويت هلال ڪميٽي جي عهدي تان هٽايو ويو

اسلام آباد: مفتي منيب الرحمان کي رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين جي عهدي تان هٽايو ويو.

مذهبي معاملن واري وزارت جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مولانا عبدالخبير آزاد کي رويت هلال ڪميٽي جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ رويت هلال ڪميٽي ۾ 19 ميمبر شامل ڪيا ويا آهن.

مرڪزي رويت هلال ڪميٽي ۾ راغب نعيمي، حسين اڪبر، مولانا فضل الرحيم، ڊاڪٽر ياسين ظفر، مفتي اقبال چشتي، ڊاڪٽر مفتي علي اصغر، فيصل احمد، سيد علي قرار، مفتي فضل جميل، حافظ عبدالغفور، يوسف ڪشميري، قاري مير الله، حبيب الله چشتي ۽ مفتي ضمير شامل آهن.

جڏهن ته ڪميٽي ۾ سپارڪو، موسميات کاتي، سائنس ٽيڪنالاجي ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جو هڪ هڪ نمائندو شامل ڪيو ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔